SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي پورهيت تنظيم


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي پورهيت تنظيم

International Labor Organization

( ILO)انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن

دُنيا جي مزدورن جي معاملن ۽ پورهيي جي معيار جانچڻ لاءِ هي تنظيم”قومن جي مجلس“جي آرٽيڪل (a) 23 تحت 1919ع ۾ قائم ڪئي وئي. هن اداري جو مقصد بين الاقوامي ڪنووينشن منعقد ڪرائڻ، مزدوريءَ بابت مختلف تجويزون ڏيئي پورهيتن جي حالت بهتر بنائڻ، پورهيت ۽ مالڪ وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۽ پورهيتن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هن اداري ۾ حڪومتن، ملازمن ۽ ملازم رکندڙ ادارن جا نمائيندا شرڪت ڪري سگهن ٿا. 1944ع ۾ ”فلاڊيلفيا چارٽر“ تحت هن اداري مزدوريءَ بابت بازاري جنس واري تصور کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مزدورن کي پنهنجي زندگي، آزادي، عزت ۽ سلامتيءَ سان گذارڻ واري حق جي تصديق ڪئي. اقوام متحده ٺهڻ کان پوءِ هي ادارو اُن جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي. هي ادارو بنيادي طور 4 نقطن تي ڪم ڪري ٿو :
1. جماعت سازي ۽ سوداڪاريءَ جو حق
2. جبري پورهيي جو خاتمو
3. ٻاراڻي پورهيي جو خاتمو.
4. ملازمت ۽ پورهيي ۾ متڀيد جو خاتمو.
اداري جو مرڪز سئٽزرلئنڊ جي شهر جنيوا ۾ قائم ڪيل آهي. سندس انتظامي ڍانچو ٽن شعبن ”بين الاقوامي ليبر ڪانفرنس“ ، ”گورننگ باڊي“ ۽ ”بين الاقوامي ليبر آفيس“ تي ٻڌل آهي، اداري جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل هوندو آهي، جنهن کي گورننگ باڊي مقرر ڪندي آهي


Remember Me Also:

ٽاڪور، ٽاڪوڙ ، ٽاڪوڙون

ث. بدن کي گرم شيءِ گرم پٿر سان ڏمَ ، سيڪُ ، ٽاٽارَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal